موهالي:پاڪستاني اوپنر احمد شهزاد چيو آهي ته مان ڪلمو پڙهي چوان ٿو ته پاڪستان کي نيوزيليند خلاف ميچ کٽرائڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي پر قسمت کي ڪجهه ائين ئي منظور هو، هڪ انٽرويو ۾ احمد شهزاد چيو ته جڏهن اسان پاڪستان لاءِ کيڏندا آهيون ته ٽيم جي حيثيت سان کيڏندا آهيون، ڪاميابي جو ڪريڊٽ سڀني ڏانهن وڃي ٿو۽ ناڪامي جي ذميواري سموري ٽيم تي لاڳو ٿئي ٿي،هن چيو ته 11 رنسن لاءِ بيٽنگ دوران ڪوشش ضرور ڪئي پر بدقسمتي سان ڪاميابي نه ملي سگهي، سندس چوڻ هو ته ڪپتان شاهد آفريدي منهنجي وڏن ڀائرن جيان آهي، ٽيم ۾ گروپنگ جي خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي ، احمد شهزاد چيو ته پٺاڻ آهيان ۽ ملڪ منهنجي امڙ جيئان آهي، غلط ڪم جو ڪڏهن سوچي به نه ٿو سگهان.

Regards:- sindhi news