اسلام آباد:اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان فل ڊريس ريهرسل ڪئ.ي وئي،جنهن ۾ پاڪ فوج ۽ ايئرفورس جي جوانن پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، آئي ايس پي آر جي پڌرائي مطابق اسلام آباد ۾ ڳري ٽريفڪ جي داخلا 23 مارچ تي ڏينهن جو 3 وڳي تائين بند رهندي، جڏهن ته ٽريفڪ پوليس گاڏين لاءِ متبادل رستن جو بندوبست ڪيو آهي، ان حوالي سان پاڪ فوج جا جوان فل ڊريس ريهرسل ۾ رڌل آهن، پاڪ فوج ۽ ايئرفورس جا جوان پنهنجي صلاحيتن جو عملي مظاهرو پاڪستان ڏهاڙِي جي مرڪزي تقريب ۾ ڪندا، پاڪستان ڏهاڙِي جي حوالي سان راولپنڊِي کان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ رستن تي قائم پوليس چوڪين تي واڌو اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز جا واڌو اهلڪار به بيهاريا ويا آهن، جن وٽ هٿيار ۽ چيڪنگ وارا اوزار پڻ آهن، پاڪستان ڏهاڙِي جي پريڊ جي موقعي تي شهر اندر ايندڙ ۽ ٻاهر ويندڙ سمورا رستا مڪمل طور تي بند رکيا ويندا


Regards:- sindhi news