اسلام آباد: ريحام خان جو چوڻ آهي ته اڃان تائين طلاق جو عمل پورو ناهي ٿيو پر ارادو ڪيو آهي، مالي معاملن جي ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، اهو سڀ ڪوڙ آهي. سندس پاران شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته پارٽي جي ڪجهه ويجهن ماڻهن عمران خان ۽ سندس وچ ۾ ڏار وڌا آهن، نفرت جو ٻج ڇٽيو ۽ معاملو ان حد تائين اچي پهتو آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ مون گذريل ڏينهن طلاق جي ڳالهه ڪئي ۽ ان کان اڳ منهنجي ۽ عمران جي وچ ۾ طلاق جي ڳالهه ڪڏهن نه ٿي هئي. ريحام خان وڌيڪ چيو ته اڃان تائين طلاق جو معاملو پورو ناهي ٿيو اڃان رڳو ارادو ڪيو آهي.
سنڌي نيوز| پاڪستان سنڌي نيوز
Bookmarks