نٿيا گلي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان نٿيا گلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوري مطابق تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي. خيبرپختونخوا هائوس جو خرچ سڀ کان گهٽ آهي، 13 ريسٽ هائوسز کي ڪمرشلائيز ڪري 13 لک ڪمايا. سندس چوڻ هو ته اڄ هر پاڪستاني1 لک 10 هزار رپين جو قرضي آهي. ٽيڪس ڪلچر لاءِ عوام جو اعتماد بحال ڪنداسين، آزاد ملڪن ۾ عوام جو پئسو عوام تي ئي خرچ ٿيندو آهي.جيستائين عوام جي ٽيڪس جو پئسو عوام تي خرچ نٿو ٿئي، بهتري نه ايندي، ڪي پي ڪي ۾ پراڻا ريسٽ هائوسز وڪرو نه ڪنداسين. هن چيو ته جڏهن ملڪ ئي قرضي ٿي ويو آهي ته يهودين کي سازش ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
Bookmarks